حفظ الله خان نواب

حفظ الله خان، نواب: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”نواب ابو نصرت خان جي وفات کانپوءِ حفظ الله خان 1103هه/1691ع ۾ ٺٽي ۽ سيوستان (سيوهڻ) جو حاڪم ٿي آيو. نواب حفظ الله خان سخي امير هو. ولادت رسول (عيد ميلادالنبي صه)جي موقعي تي هزار ماڻهن لاءِ شاهاڻي نعتيه محفل ڪرائيندو ۽ نذر و نياز ڪندو هو. مهمانن جا هٿ خود ڌئاريندو هو.
جنهن وقت شهزادو محمد معزالدين، ميان دين محمد ڪلهوڙي کي ڪچلڻ لاءِ ملتان کان سنڌ ٿي آيو، تڏهن حفظ الله کي سيوستان واري درياهه تي پل ٺهرائڻ جو حڪم مليو هو. هن هڪدم ڪم شروع ڪرايو، پر جڏهن ڏٺائين ته شيخ عبدالغني ٺٽويءَ کان اهو ڪم صحيح نٿو ٿي سگهي. تڏهن پاڻ خود بندوبست ڪيائين. انهيءَ ڪم دوران گرميءَ جا ڏهاڙا هئا ۽ نواب حفظ الله سج جي گرمي ۽ تپش سبب بيمار ٿي پيو ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ 1112 هه/ 1700ع ۾ سيوستان ۾ وفات ڪيائين. ٺٽي جي حاڪم جي رهائش وارو قلعو سندس ٺهرايل هو. فصاحت ۽ بلاغت سان شعر چوندو هو. سندس شعر دلپسند هوندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو